سول سروسز اڪيڊمي لاهور

سول سروسز اڪيڊمي لاهور

سول سروسز اڪيڊمي لاهور

سول سروسز اڪيڊمي لاهور

سول سروسز اڪيڊمي لاهور

سول سروسز اڪيڊمي لاهور (CSA): سول سروسز اڪيڊمي پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس (PAS) جي نون آفيسرن جي ٽريننگ لاءِ 1948ع ۾ قائم ڪئي وئي. ان وقت اداري جو نالو ’پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس اڪيڊمي‘ هو. سول سروس آف پاڪستان (CSP) ريزوليوشن کانپوءِ اڪيڊميءَ جو نالو مٽائي ’سول سروس اڪيڊمي‘ رکيو ويو ۽ اُن جي عمارت ريس ڪورس ڪورڊ (موجوده سرڪٽ هائوس) لاهور ۾ قائم ڪئي وئي، جيڪا بعد ۾ پراڻي ريزيڊنسي اسٽيٽ، شاهراهه قائداعظم لاهور ۾ منتقل ڪئي وئي. 1963ع ۾ هن اڪيڊميءَ ۾ ’پاڪستان فارين سروس‘ (PFS) جي نون آفيسرن جي ٽريننگ شروع ڪرائي وئي. بنگلاديش جي ٺهڻ ۽ راجشاهيءَ ۾ قائم پوليس اڪيڊميءَ کي تمام گهڻي نقصان پهچڻ کانپوءِ 1972ع ۾، ’پوليس سروس آف پاڪستان‘ (PSP) جي نون آفيسرن جي ٽريننگ به هن اڪيڊميءَ ۾ شروع ڪرائي وئي. ساڳئي سال ’انفارميشن سروس آف پاڪستان‘ (ISP) جي نون آفيسرن جي ٽريننگ به هن اداري ۾ ئي شروع ڪرائي وئي.
1950ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري پاڪستان سرڪار ’فنانشل سروسز اڪيڊمي‘ (FSA) قائم ڪئي، جنهن ۾ ’پاڪستان ٽيڪسيشن سروس‘ (PTS)، ’پاڪستان ڪسٽمز اينڊ ايڪسائيز سروس‘ (PCES)، ’پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس‘ (PAAS)، ’پاڪستان ريلويز اڪائونٽس سروس‘ (PRAS) ۽ ’پاڪستان ملٽري اڪائونٽ سروس‘ (PMAS) جي آفيسرن جي ٽريننگ ڪئي ويندي هئي. هيءَ اڪيڊمي، والٽن لاهور ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هن اڪيڊميءَ جي تمام وڏي ڪئمپس لاهور جي پسگردائيءَ والٽن ۾ قائم ڪئي وئي، جيڪو لاهور جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. هن وقت هن اڪيڊميءَ جي هڪ ڪئمپس والٽن ۾ آهي، جڏهن ته ٻي ڪئمپس مال روڊ لاهور ۾ آهي، جتي ’ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ‘ جي آفيسرن جي ٽريننگ ٿيندي آهي.
1973ع جي انتظامي سڌارن کان پوءِ پاڪستان جي وفاقي کاتن ۾ ’سي. ايس. ايس‘ (CSS) جو مقابلي جو امتحان پاس ڪري ايندڙ سمورن آفيسرن لاءِ گڏيل ٽريننگ واري رٿ کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ’ڪامن ٽريننگ پروگرام‘ (CTP) شروع ڪيو ويو، جنهن مـقـصـد لاءِ ’سول سروسز اڪيڊمي‘ ۽ ’فنانس سروسز اڪيڊميءَ‘ کي گڏائي ’اڪيڊمي فار ايڊمنسٽريٽو ٽريننگ‘ (AAT) نالو ڏنو ويو، جنهن کي پهرين نومبر 1981ع تي ملڪ جي صدر ’سول سروسز اڪيڊميءَ‘ (CSA) جو نالو ڏنو. ابتدا ۾ سول سروسز اڪيڊمي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ ادارو هو، جنهن کي پوءِ هڪ الڳ بورڊ آف گورنرس ذريعي خودمختيار ادارو بنايو ويو. هن وقت هيءَ اڪيڊمي ملڪ جي چئن ’نيپاز‘- (National Institute for Public Administration) NIPAS ۽ ’پاسڪ‘- (Pakistan Administrative Staff College) PASC سميت ’نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي‘ (NSPP) ۾ ضم ڪئي وئي آهي، جنهن جو چيئرمئن پاڪستان جو صدر آهي.
هن وقت اڪيڊميءَ جي والٽن واري ڪئمپس ’سي. ايس. ايس‘ پاس ڪندڙ آفيسرن جي ’ڪامن ٽريننگ پروگرام‘ (CTP) لاءِ مخصوص آهي ۽ ٻي ڪئمپس ’ڊسٽرڪٽ مئنيجمنٽ گروپ‘ (DMG) جي نون آفيسرن جي ’اسپيشلائيزڊ پروگرام‘ (STP) لاءِ مخصوص آهي. اڪيڊميءَ جو بالا آفيسر ڊائريڪٽر جنرل آهي، جيڪو ٻنهي ڪئمپسن جي آفيسن جي سنڀال ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو